وزيراعظم شهباز شريف 23 کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي چيني هم منصب لي چيانگ جي دعوت تي 23 کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. چيني خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گيو جيڪون باقاعده پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هڪ اهم اعليٰ سطحي لاڳاپن جي حوالي سان آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ پنهنجي چيني هم منصب لي چيانگ سان به ڳالهيون ڪندو. ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندو ۽ چين جي صوبي زي جيانگ جو دورو پڻ ڪندو. گيو جيا قون چيو ته چين ۽ پاڪستان بهترين دوست ۽ هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون جا ساٿي آهن. گذريل 75 سالن دوران ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هر امتحان تي پورا اتريا آهن ۽ بين الصوبائي لاڳاپن جو بهترين مثال قائم ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي اسٽريٽجڪ رهنمائي هيٺ اعليٰ سطحي رابطا برقرار آهن ۽ عملي تعاون ۾ مسلسل اڳڀرائي ٿي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ترقي ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ترجمان چيو ته چين ۽ پاڪستان اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهن رابطن ۽ تعاون کي برقرار رکيو، گڏيل مفادن جو مؤثر تحفظ ڪيو ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي دورو روايتي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، جامع تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين دور ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل مستقبل واري ڪميونٽي جي تعمير جي هڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment