فٽبال رانديگرن جي عالمي اداري فيفا پرو هڪ ڀيرو ٻيهر 2026 فيفا ورلڊ ڪپ دوران سخت گرمي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ماحولياتي تحقيقاتي تنظيم ورلڊ ويدر ايٽريبيوشن جي تازي رپورٽ موجب آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ دوران لڳ ڀڳ هڪ چوٿون ميچون اهڙين حالتن ۾ کيڏيون وينديون جتي گرمي پد رانديگرن ۽ مداحن لاءِ خطرناڪ حد تائين وڌي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 104 ميچن واري ٽورنامينٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ميچون موسمي حالتن ۾ منعقد ٿيڻ جو امڪان آهي جتي ميچ ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويندي.
ماهرن اهو اندازو ويٽ بلب گلوب ٽيمپريچر (ڊبليو بي جي ٽي) انڊيڪس جي مدد سان لڳايو آهي، جيڪو اندازو لڳائي ٿو ته انساني جسم گرميءَ ۾ پاڻ کي ڪيئن ٿڌو رکي سگهي ٿو.
فيف پرو ميڊيڪل ڊائريڪٽر ونسنٽ گٽبرگ چيو ته خاص احتياط ضروري آهي جڏهن WBGT گرمي پد 26 درجا سينٽ کان مٿي وڌي وڃي، جڏهن ته 28 درجا کان مٿي ميچ کي روڪڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
فيفا جواب ڏيندي چيو آهي ته رانديگرن ۽ مداحن جي حفاظت لاءِ مختلف منصوبا جوڙيا ويا آهن، جن ۾ ڪولنگ سسٽم، هائيڊريشن بريڪ ۽ طبي سهولتون شامل آهن.
ماهرن جو خيال آهي ته سخت گرمي سبب راند جو انداز به متاثر ٿيندو ۽ ٽيمون وڌيڪ محتاط حڪمت عملي اختيار ڪنديون.
رپورٽ موجب ميامي، نيويارڪ، فلاڊيلفيا ۽ ڪنساس سٽي جهڙا شهر گرميءَ جي سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ هوندا جڏهن ته فائنل ميچ دوران گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌڻ جو خدشو آهي.


