ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ پوليس انسپيڪٽر فوت ٿي ويو.
تفصيل موجب ڪراچي کان پشاور ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس جي انجڻ ۾ باهه لڳي وئي، ڪراچي کان 55 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي گدر ۽ ڌاٻيجي اسٽيشنن جي وچ ۾.
ريلوي پوليس ڪراچي ڊويزن جو انسپيڪٽر مختيار مهر جيڪو ڊيوٽي تي موجود هو ته باهه تي ضابطو آڻڻ دوران دونهن سبب سخت متاثر ٿي ويو، جنهن سبب هو حياتي وڃائي ويٺو.
رحمان بابا ايڪسپريس جي انجڻ ۾ باهه لڳڻ تي ريلوي عملي فوري طور پيشيوراڻي صلاحيت ڏيکاريندي انجڻ کي باقي ٽرين کان ڌار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته علائقي واسين به بروقت ريلوي اختيارين جي مدد ڪئي.
جڏهن ته باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ بروقت ڪارروائي ڪري باهه پکڙجڻ کان بچائي وئي، جڏهن ته ٽرين جا سمورا مسافر محفوظ رهيا.
ريلوي اختيارين طرفان واقعي جي مڪمل جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، انجڻ ۾ باهه لڳڻ جا سبب رپورٽ اچڻ بعد ئي معلوم ٿيندا.


