موثر عملدرآمد سبب ملڪي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي، آءِ ايم ايف

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيووا پاڪستان جي معاشي سڌارن کي ساراهيندي چيو ته موثر عملدرآمد جي ڪري ملڪي معيشت مستحڪم ٿي آهي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.

ناڻي واري وزارت موجب هن اهڙو اظهار ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اسپرنگ ميٽنگ 2026ع جي موقعي تي ملاقات دوران ڪيو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته مضبوط معاشي پاليسين سان گڏ گہرے ڍانچي سڌارن جو تسلسل ضروري آهي، جنهن سان نه رڳو معاشي ترقي برقرار رهي سگهي ٿي پر عوام جي ڀلائي کي به بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جا اهي هاڪاري تبصرا پاڪستان جي ذميوار معاشي پاليسي سازي ۽ سڌارن جي قدمن تي عالمي اعتماد ۾ واڌ جي عڪاسي ڪن ٿا، جيڪي مستقبل ۾ معاشي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment