پاڪستان چئن سالن جي وقفي کانپوءِ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ڪامياب واپسي ڪئي آهي ۽ 500 ملين ڊالرن جو يورو بانڊ جاري ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جاري ڪيل گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ (جي ايم ٽي اين) پروگرام تحت ڪيو ويو، جنهن کي غير يقيني عالمي معاشي ۽ جاگرافيائي حالتن باوجود سيڙپڪارن طرفان ڀرپور موٽ ملي. هن چيو ته هن ٽن سالن جي يورو بانڊ ۾ مضبوط دلچسپي پاڪستان جي معيشت تي نئين اعتماد جو واضح اشارو آهي. ماهرن موجب هي بروقت قدم نه رڳو ملڪي معيشت ۾ نئون ليوليڊٽي آڻيندو پر عالمي بانڊ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي موجودگي کي مضبوط ڪندي مستقبل لاءِ بهتر قيمتن جي تعين ۾ پڻ مدد ڏيندو.
Source link

پاڪستان طرفان عالمي مالياتي مارڪيٽ ۾ 500 ملين ڊالرن جو يورو بانڊ جاري ڪيو ويو
Leave a Comment Leave a Comment

