– اشتهار –
جيئي سنڌ قومي محاذ پاران پارٽي چيئرمين سنان قريشي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21 جنوري تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي. ملير جي علائقي گلشن حديد مان جاري ڪيل بيان ۾ جسقم چيئرمين چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ سندن لاءِ اعزاز آهي. سنان قريشي چيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، بحريا ٽائون 33 ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا. سندس چوڻ هو ته هو عدم تشدد جا حامي آهن، دنيا جي ڪا به طاقت سنڌ جي وجود کان سندن مالڪي نه کسي سگهي. جسقم ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ديدار شاهه جو چوڻ آهي ته جسقم جي چيئرمين سنان قريشي خلاف جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.


