دادو ڀرسان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڄڻو مارجي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


– اشتهار –

دادو ڀرسان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن عدالت ۾ حاضري تان واپس ويندڙ ٽن ڄڻن تي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ اصغر بروهي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته محمد خان سيال ۽ راشد چانڊيو زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي فوتي ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان پيش آيو آهي، جنهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول جي وارثن راجا بروهي جو چوڻ هو ته مقتول ۽ سندس دوست عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ڳوٺ واپس اچي رهيا هئا ته لشڪر بروهي، محمود بروهي ۽ ٻين فائرنگ ڪري اصغر بروهي کي قتل ۽ سندس ساٿين کي زخمي ڪري ڇڏيو. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جن کي اباڻي ڳوٺ ارباب آندو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment