هريانا سان تعلق رکندڙ اداڪاره ديوانڪا سروهي 30 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ديويانڪا سروهي کي سومر (21 اپريل) جي رات اتر پرديش ۾ پنهنجي گهر ۾ اوچتو دل جو دورو پيو.
وارثن کيس فوري طور تي تعلقي اسپتال پهچايو، پر ڊاڪٽرن کيس فوت قرار ڏنو.
سندس اوچتي موت شوبز انڊسٽري کي سخت صدمي ۾ ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي مختلف فنڪارن افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
جڏهن ته سندس خاندان طرفان سندس موت بابت ڪو به سرڪاري بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ديويانڪا جو تعلق اتر پرديش سان هو ۽ هن وقت پنهنجي والدين ۽ ناني سان گڏ غازي آباد ۾ رهائش پذير هئي.
هن علائقائي تفريحي صنعت ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو ۽ ڳائڻي معصوم شرما سان گڏ ڪيترن ئي گيتن ۾ ڪم ڪيو.
سوشل ميڊيا تي هن جو هڪ وڏو فين فالوو پڻ هو، سندس انسٽاگرام فالوورز جو تعداد 1.3 ملين کان مٿي آهي.
ديويانڪا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ٽڪ ٽاڪ تي ڪئي، جتي هن جي هڪ وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ شهرت ماڻي.


