ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر جي صلاحڪار مهدي محمدي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگ بندي جي مدي ۾ واڌ کي رد ڪندي ان کي ممڪن فوجي ڪارروائي لاءِ وقت خريد ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مهدي محمدي چيو ته شڪست کاڌل ڌريون حالتون مسلط نه ٿيون ڪري سگهن ۽ محاصرو جاري رکڻ بمباري کان مختلف ناهي، جنهن جو فوجي جواب ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ جي جنگبندي ۾ واڌ جو ڪو به مطلب ناهي پر اها حڪمت عملي آهي ته هو سرپرائز حملي لاءِ وقت خريد ڪري. سندس چوڻ هو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ايران اڳڀرائي ڪري ۽ پنهنجي حڪمت عملي تحت قدم کڻي. واضح رهي ته صدر ٽرمپ جنگ بندي ۾ واڌ جو فيصلو فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي ڪيو هو، جڏهن ته آبنائي هرمز ۾ آمريڪي ناڪابندي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
Source link

ايران جنگبندي جي توسيع کي فوجي ڪارروائي لاءِ وقت خريد ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو
Leave a Comment Leave a Comment

