آءِ ايم ايف کان وڏو معاملو، درآمدي پابندين ۾ نرمي جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته هو 2,660 کان وڌيڪ نان ٽيرف رڪاوٽن جو جائزو وٺندو جيڪي درآمد جي حوصلا افزائي ڪن ٿا ۽ انهن مان ڪيترن کي جلد ختم ڪيو ويندو. ذريعن موجب 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج تحت معاهدي ۾ حڪومت واعدو ڪيو آهي ته جون کان اهي پابنديون هٽائڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. شروعاتي مرحلي ۾ موبائيل فونز ۽ گاڏين جي درآمد تي لڳل پابندين ۾ نرمي جو امڪان آهي. آفيسرن جو چوڻ آهي ته حڪومت 76 ڪسٽم ڪوڊس تي پابنديون ختم ڪندي، جيڪي گاڏين، دوائن، اسٽيل، کاڌي، زرعي شين، کاسمیٹکس ۽ موبائل فونز سان تعلق رکن ٿيون. ان قدم سان ڊيري پراڊڪٽس، ٽيڪسٽائيل، اسٽيل بار ۽ دوائن جي درآمد کي به آسان ٿيندو. آٽو موبائيل سيڪٽر ۾ تيار ۽ نيم تيار ٿيل گاڏين جي درآمد تي پابندي ختم ڪئي ويندي، جڏهن ته پي ٽي اي جي منظوري سان موبائيل فونز جي درآمد جي شرط کي به ختم ڪيو ويندو، زرعي شعبي ۾ گوشت، کير، پيڪيج ٿيل فوڊ ۽ خوردني تيل جي درآمد ۾ سهولت ڏيڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ درآمدي مواد جي رڪاوٽن کي به گھٽ ڪيو ويندو. ذريعن موجب باقي نان ٽيرف رڪاوٽن کي مرحليوار ختم ڪيو ويندو ۽ اهو عمل 2026ع جي آخر تائين ريگيوليٽري ريفارمز بابت ڪابينا ڪميٽي آڏو آندو ويندو، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٻين ليويز ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو اشارو پڻ ڏنو آهي ته جيئن سراسري ٽيرف کي 6 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2030ع تائين اهڙي فيصلي تي نظر ثاني ڪئي وئي، جڏهن ته صنعتڪارن اهڙي فيصلي تي ٻيهر نظرثاني ڪئي آهي. مقامي صنعت کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment