اسلام آباد:
ورلڊ بئنڪ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان سميت ترقي پذير ملڪن ۾ لکين نوجوانن کي ايندڙ 10 کان 15 سالن ۾ نوڪريون نه ملنديون.
تفصيل موجب ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس ۾ روزگار کي ترقي پذير ملڪن جو وڏو مسئلو قرار ڏنو ويو آهي. ان ملاقات ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
ان بابت ورلڊ بئنڪ جي صدر اجي بنگا جو چوڻ آهي ته روزگار غربت کي گهٽائڻ جو سڀ کان مؤثر ذريعو آهي. ورلڊ بئنڪ کي خدشو آهي ته لکين نوجوانن کي نوڪريون نه ملنديون.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي لاءِ روزگار جا موقعا وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي. هن ترقي پذير ملڪن ۾ روزگار پيدا ڪرڻ کي پهرين ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته ايندڙ 10 کان 15 سالن ۾ ترقي پذير ملڪن ۾ 1.2 بلين نوجوانن کي روزگار ڏنو ويندو.
ياد رهي ته عالمي بئنڪ طرفان ميمبر ملڪن لاءِ 80 کان 100 ارب ڊالرن جي امداد جو امڪان آهي. ورلڊ بئنڪ فوري رليف ۽ ڊگهي مدي واري معاشي سڌارن کي جاري رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ميمبر ملڪن ۾ نجي سيڙپڪاري وڌائڻ کي ترقي جي ڪنجي قرار ڏنو آهي.
ورلڊ بئنڪ روزگار جي واڌاري لاءِ 5 اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي آهي، جن ۾ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جا منصوبا روزگار لاءِ سڀ کان اهم آهن. اهڙي طرح سياحت جي فروغ سان معيشت ۽ روزگار ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه زراعت ۽ زرعي ڪاروبار ۾ روزگار جا وڏا موقعا موجود آهن. صحت جو شعبو پڻ روزگار پيدا ڪرڻ ۾ اهم آهي.


