پاڪستاني عورتن وٽ راندين ۾ اڳتي وڌڻ جو بهترين موقعو آهي: آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



اسلام آباد ۾ پي سي بي گرلز ڪرڪيٽ ڪلب جي پڄاڻي واري تقريب ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ مقرر آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪن خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان تقريب ۾ نوجوان ڇوڪرين جي ڪرڪيٽ ۾ وڌندڙ دلچسپي ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان جي عورتن وٽ راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو بهترين موقعو آهي ۽ عورت ايٿليٽس سماج لاءِ رول ماڊل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڪرڪيٽ ذريعي ويجها لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ راندين جي ميدان ۾ هڪ ٻئي سان مضبوط تعاون جاري رکي رهيا آهن. ٽيموٿي ڪين چيو ته آسٽريلوي ڪوچ هن وقت پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ پاڪستان سپر ليگ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته تازو پي ايس ايل ايڊيشن ۾ به آسٽريلوي رانديگر ايڪشن ۾ نظر آيا. هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا جلد ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته آسٽريلوي هاءِ ڪميشن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مسلسل ڇوڪرين کي ڪرڪيٽ ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهن ۽ آسٽريليا گذريل ڏهن سالن کان پاڪستان ۾ ڇوڪرين جي ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ راندين جي ميدان ۾ ڇوڪرين جو اعتماد ۽ جوش قابل ذڪر آهي. تقريب جي پڄاڻي تي آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر فاتح ٽيم کي ٽرافي پيش ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان وومين انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ايمان نصير ۽ ماهم انيس پڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment