ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي اضافي فنڊنگ جو اشارو ڏنو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جي اضافي فنانسنگ فراهم ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، جڏهن ته آفيسرن موجب پاڪستان لاءِ 800 ملين ڊالرن جي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي، جنهن ۾ 300 ملين ڊالر جو قرض ۽ 500 ملين ڊالر جي گارنٽي شامل آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ پنهنجي سالياني رپورٽ 2025ع جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پاڪستان ۾ بنيادي خدمتن، ترقياتي منصوبن ۾ محدود سيڙپڪاري آهي، پاڪستان ۾ محدود سيڙپڪاري کي مالي دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ منظور ڪيل پروگرام جو مقصد بجيٽ خسارو ۽ سرڪاري قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سماجي شعبي، ٽيڪس نظام، روينيو جي بهتري لاءِ وڌيڪ فنڊ ڏنا ويندا، عورتن جي معاشي شموليت وڌائڻ لاءِ 350 ملين ڊالر مختص ڪيا ويا آهن، پاڪستان ۾ عورتن جي مالي شموليت ۾ وڏو خال موجود آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب موسمياتي تبديلين سبب خطي ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏ جا خطرا وڌي ويا آهن، گليشيئر پگھلڻ جي وڌندڙ خطرن کان پاڪستان به متاثر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته گرين ڪلائميٽ فنڊ مان 250 ملين ڊالرن سان پاڻي ۽ زرعي نظام کي مضبوط ڪيو پيو وڃي. بئنڪ جي سالياني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ تانبا ۽ سون جي مائن منصوبن لاءِ جديد فنانسنگ پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ ADB 2025 تائين خطي ۾ 29.3 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment