ايران جي 2026 ورلڊ ڪپ ۾ شموليت آمريڪا ۽ اسرائيل سان جاري ڇڪتاڻ سبب غير يقيني آهي، پر فيفا عملدارن ان امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب فيفا واضح ڪيو آهي ته ايندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ايران بدران اٽلي کي شامل ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.
آمريڪي صدر جي خاص نمائندي پاولو زمپولي تجويز ڏني ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايران بدران اٽلي کي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪيو وڃي پر فيفا عملدارن ان امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
فيفا جي صدر گياني انفنٽينو هڪ تازي بيان ۾ چيو آهي ته ايراني ٽيم ٽورنامينٽ ۾ ضرور شرڪت ڪندي.
ٻئي طرف ايراني سفارتخاني به ان تجويز تي سخت تنقيد ڪندي ان کي آمريڪا جو اخلاقي ڏيوالپڻو قرار ڏنو آهي.
رپورٽن مطابق زمپولي اهو خيال آمريڪي صدر آڏو رکيو هو پر اطالوي عملدارن به ان کي نامناسب قرار ڏنو آهي.
اٽلي جي راندين واري وزير واضح ڪيو ته ورلڊ ڪپ ۾ جڳهه رڳو فيلڊ تي ڪارڪردگي جي بنياد تي ملندي آهي.
ياد رهي ته چار ڀيرا عالمي چيمپيئن ٽيم اٽلي مسلسل ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.


