يامي گوتم جو قرآن پاڪ پڙهڻ ۽ سمجھڻ جو وحي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



بالي ووڊ فلم ”حق“ جي هدايتڪار سپورن ورما انڪشاف ڪيو آهي ته فلم جي مرڪزي اداڪارا يامي گوتم پنهنجي ڪردار ”شازيه بانو“ کي حقيقت جي ويجهو آڻڻ لاءِ قرآن پاڪ جو باقاعده مطالعو ڪيو ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ساپورن ورما چيو ته فلم جي پروڊڪشن دوران يامي گوتم پنهنجي ڪردار جي کوٽائي کي سمجهڻ لاءِ قرآن پاڪ کان رهنمائي ورتي ۽ ان سڄي عمل ۾ کيس اٽڪل چار مهينا لڳي ويا. هدايتڪار موجب فلم ۾ قرآن پاڪ جا حوالا به شامل ڪيا ويا آهن، اهو ئي سبب آهي ته فلم جي پڇاڙي لفظ ”اقرا“ سان ٿئي ٿي. هن چيو ته اسلام بابت ڳالهائڻ وقت اڪثر غلط فهميون ۽ غلط معلومات پيدا ٿينديون آهن ۽ اڄ جي دور ۾ معلومات جي گهڻائي هجڻ باوجود اهو طئي ڪرڻ مشڪل آهي ته سچ ڇا آهي. ان پس منظر ۾ هو چاهي ٿو ته فلم ”حق“ ذريعي وڌيڪ مستند ۽ صحيح معلومات سامعين تائين پهچائي وڃي. ساپورن ورما وڌيڪ چيو ته هن جا ڪيترائي مسلمان دوست آهن ۽ هڪ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان مسلم ڪميونٽي جي تجربن کي بهتر سمجهڻ لاءِ پاڻ تحقيق ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته فلم جي تياري دوران اسلامي قانونن ۽ سماجي پهلوئن تي لڳ ڀڳ ڏيڍ سال ڪم ڪيو ويو. هدايتڪار جو چوڻ هو ته هو فلم ۾ ”ٽهري طلاق“ جهڙن موضوعن بابت غلط فهمي دور ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته شادي جي تصور کي به سوشل ڪانٽريڪٽ طور اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. انسٽاگرام تي هي پوسٽ ڏسي هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن اها ڪهاڻي 40 سال پراڻي آهي ته اصل سوال اهو آهي ته هن دور ۾ عورتن جي زندگين ۾ ڪهڙي حقيقي تبديلي آئي آهي، ڇو ته اڄ به ڪيتريون عورتون سماجي دٻاءَ، تعصب ۽ حقن جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن. واضح رهي ته فلم ”حق“ شازيه بانو نالي هڪ عورت جي ڪهاڻي کان متاثر آهي، جنهن کي هڪ وڪيل عباس خان سان پيار ٿي ويندو آهي، پر ڳجهي نموني ٻيهر شادي ڪرڻ بعد سندن لاڳاپا خراب ٿي ويندا آهن ۽ شازيه انصاف لاءِ عدالت سان رجوع ڪندي آهي. اها ڪهاڻي جگناواورا جي ڪتاب ’بانو: ڌي آف ڀارت‘ مان ورتل آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته سچي واقعن کان متاثر آهي. فلم ۾ يامي گوتم سان گڏ عمران هاشمي به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment