پي ايس ايل 11: خوش دل شاهه جي جارحاڻي بيٽنگ، ڪراچي ڪنگز قلندرز کي شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پي ايس ايل جي 35هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ڊيوڊ وارنر جي اڌ سينچري ۽ خوشدل شاهه جي شاندار بيٽنگ جي بدولت لاهور قلندرز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

تفصيل موجب لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل 11) جي 35هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي لاهور قلندرز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

قلندرز جي طرفان فخر زمان ۽ محمد فاروق ڪئي پر اوپن جوئر ناڪام ٿي وئي ۽ محمد فاروق 18 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته 24 جي مجموعي اسڪور تي 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

بعد ۾ فخر زمان ۽ عبدالله شفيق جارحاڻي بيٽنگ ڪندي اسڪور ۾ اضافو ڪيو ۽ 110 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، 134 جي مجموعي اسڪور تي فخر زمان 3 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 41 بالن تي 61 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

عبدالله شفيق 36 بالن تي 62 رنسون ٺاهي شاندار بيٽسمين رهيو.

ڪراچي ڪنگز 200 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ بيٽنگ شروع ڪئي ته جيسن روئي 10 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو پر ڊيوڊ وارنر پنهنجي جارحاڻي بيٽنگ جاري رکي ۽ 44 بالن تي 63 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

معين علي 17 بالن تي 39 رنسون ٺاهي ٽيم کي سهارو ڏنو، ان کان پوءِ خوشدل شاهه جڏهن وڪيٽ تي آيو ته هن 14 بالن تي 44 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو.

ڪراچي ڪنگز 200 رنسن جو هدف 18.4 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

لاهور قلندرز جي عبيد شاهه 3 جڏهن ته ڊينيل سمز ۽ حارث رئوف هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment