اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ساڍا 10 سيڪڙو مان وڌائي 11 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. واپارين ۽ صنعتڪارن وياج جي شرح ۾ واڌ کي رد ڪندي ان کي ملڪي صنعت ۽ برآمدات لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو ۽ ان سان ملڪ ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
صنعتڪارن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب پيداواري لاڳت اڳ ۾ ئي وڌي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان موجب وياج جي شرح جو فيصلو مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي ڊگهي اجلاس کانپوءِ ڪيو ويو.
بيان موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي وچ اوڀر جي صورتحال سبب وياج جي شرح ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن ۽ سپلائي چين معيشت تي اثرانداز ٿي، پاڪستان ۾ مهانگائي جو منظرنامو به تبديل ٿي ويو.
معاشي ماهرن طرفان سود جي شرح ۾ واڌ جو وڏو سبب وچ اوڀر جي جنگ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ معاشي غير يقيني صورتحال سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ آهي.
ياد رهي ته اسٽيٽ بئنڪ گذريل جائزي ۾ پاليسي ريٽ 10.5 سيڪڙو تي برقرار رکيو هو ۽ اڄوڪي اجلاس ۾ نئين مانيٽري پاليسي تحت وياج جي شرح 10.5 سيڪڙو مان وڌائي 11.5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي فيصلي جو سڌو سنئون اثر مهانگائي تي پوندو، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو سڌو سنئون اثر روزاني ضرورت جي شين تي پيو.


