آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون، پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالرن جي قسط منظور ٿيڻ جو امڪان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان لاءِ قرض جي ايندڙ قسط جي منظوري جو امڪان آهي. تفصيل موجب پاڪستان لاءِ 1.2 ارب ڊالرن جي ايندڙ قسط جي منظوري لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 1.2 بلين ڊالر جي ايندڙ قسط جي منظوري جو امڪان آهي. پاڪستان اڳ ئي آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري چڪو آهي. اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ ايڪسپينڊڊ فنڊ فيسليٽيشن پروگرام تحت ٽئين اقتصادي جائزي ۽ آر ايس ايف ڪلائيميٽ چينج پروگرام جي ٻئي جائزي جي به منظوري جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول جو معاهدو 27 مارچ تي طئي ٿيو هو، ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پيٽروليم ليوي 1468 ارب رپين جي هدف کان وڌيڪ گڏ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته حڪومت ليوي کي وڌيڪ وڌائڻ تي غور ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف حڪومت تي زور ڏنو آهي ته سبسڊي ختم ڪئي وڃي جڏهن ته حڪومت معيشت جي بهتري ۽ مهانگائي گهٽائڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. ذريعن موجب وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ سبب معاشي خطرا برقرار آهن، حڪومت آءِ ايم ايف کي مالياتي نظم و ضبط جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment