پي ايس ايل: پلي آف ۾ ڪير ڪير ڪنهن سان مقابلو ڪندو؟

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن جو سنسني خیز پهريون مرحلو پڄاڻي تي پهتو آهي.

گذريل ڏينهن حيدرآباد ڪنگز مين راولپنڊي خلاف تاريخي فتح حاصل ڪري دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز کي بهتر نيٽ رن ريٽ سان ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ کيڏيل ميچ ۾ ٻئين پوزيشن لاءِ اسلام آباد ۽ ملتان سلطانز جي ٽيمن وچ ۾ ميچ ٿي، جيڪي اڳ ئي پلے آف مرحلي ۾ پهچي چڪيون هيون، جنهن ۾ اسلام آباد ملتان کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.

پشاور زلمي جي ٽيم 17 پوائنٽن سان پهرين پوزيشن تي آهي.

پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ ڪواليفائر ميچ سڀاڻي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پهرين ايليمينيٽر ميچ 29 اپريل تي لاهور ۾ حيدرآباد ڪنگز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ کيڏي ويندي.

ڪواليفائر ميچ جي فاتح ٽيم فائنل ۾ داخل ٿيندي، جڏهن ته شڪست ڏيندڙ ٽيم ۽ ايليمينٽر 1 جي فاتح ٽيم پهرين مئي تي فائنل لاءِ آمهون سامهون ٿينديون.

ايونٽ جو فائنل 3 مئي تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جا شوقين پڻ اسٽيڊيم ۾ موجود ميچ مان لطف اندوز ٿي سگهندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment