واشنگٽن:
آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي مٿس سنگين الزام هنيا ويا.
پراسيڪيوٽر موجب ڪيليفورنيا سان تعلق رکندڙ 31 سالن جي ڪول ٿامس ايلن کي قتل جي ڪوشش ۽ هٿيار رکڻ جي ٻن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
عدالت ۾ پيشي دوران جوابدارن ڏوهه جو اعتراف يا انڪار نه ڪيو.
پراسيڪيوٽر موجب، ملزم هڪ سيمي آٽوميٽڪ پستول، هڪ پمپ ايڪشن شاٽ گن ۽ ٽن چاقو سان سالياني وائيٽ هائوس پريس ڊنر دوران سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ مان گذريو.
حملي دوران هڪ سيڪريٽ سروس آفيسر کي سيني ۾ گولي لڳي پر بلٽ پروف ويسٽ هجڻ سبب بچي ويو.
اهلڪارن به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن بعد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
واقعي جي وقت صدر ٽرمپ، نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي فوري طور تي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو.
ان واقعي کانپوءِ وائيٽ هائوس جي سڪيورٽي جو به جائزو ورتو ويو آهي.
عدالت ۾ پيشي دوران جوابدار پرسڪون نظر آيو ۽ جج جي سوالن جا مختصر جواب ڏنا. جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿيو ته کيس عمر قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.


