ٽرمپ ايران جي نئين تجويز تي قومي سلامتي ٽيم سان ملاقات ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ صبح پنهنجي قومي سلامتي ٽيم سان اهم ملاقات ۾ ايران جي نئين تجويز تي غور ڪيو، وائيٽ هائوس تصديق ڪئي آهي.

عالمي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس جي پريس بريفنگ ۾ ترجمان ڪيرولين ليويٽ چيو ته قومي سلامتي ٽيم سان ملاقات ۾ صدر ٽرمپ ايران لاءِ آبنائي هرمز کولڻ جي تجويز تي غور ڪيو.

”مان اهو نه چوندس ته ان تي غور ڪيو پيو وڃي، پر اهو صرف ايترو چئي سگهجي ٿو ته اڄ صبح هڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن بابت مان هن وقت تفصيل ۾ وڃڻ نٿو چاهيان،“ آمريڪي ترجمان وڌيڪ چيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ چيو ته صدر ٽرمپ پاڻ ان حوالي سان وڌيڪ معلومات فراهم ڪندو ۽ هن وقت هو ايراني تجويز جي حمايت يا مخالفت بابت راءِ ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته ايران جي حوالي سان آمريڪي صدر ٽرمپ جون ”ريڊ لائينون“ بلڪل واضح آهن ۽ سندس لاءِ آمريڪا ۽ ان جي عوام جي سلامتي سڀ کان اهم آهي.

واضح رهي ته ايران تجويز ڏني آهي ته آمريڪا پنهنجي بحري ناڪابندي کولي ۽ جيڪڏهن ايٽمي ڳالهيون آخري ڀيرو ٿيون ته جنگ بندي تي ڳالهين لاءِ تيار آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment