پنجاب اسيمبلي صوبي ۾ فلم انڊسٽري جي واڌاري لاءِ پنجاب فلم سٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلم سٽي اٿارٽي ايڪٽ 2026ع پيش ڪيو ويو، جنهن کي اسيمبلي ميمبرن اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. فلم سازي، ڊراما، ڊاڪيومينٽري پنجاب فلم سٽي اٿارٽي اسپانسر ڪندي، جڏهن ته اٿارٽي جا خرچ پنجاب حڪومت ادا ڪندي، جڏهن ته فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ فنڊز پڻ ڏنا ويندا. ايڪٽ موجب نئين فلم پاليسي، ضابطا ۽ جامع لائسنسنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته فلم ٺاهيندڙن کي سهولتون، پرمٽ ۽ ون ونڊو آپريشن ملندا، ان کان علاوه مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ خاص مراعتون ڏنيون وينديون. اهو ايڪٽ فلم اسٽوڊيو، فلم سٽيز ۽ پوسٽ پروڊڪشن سهولتن جي قيام لاءِ راهه هموار ڪندو، جڏهن ته نئين ٽيلينٽ کي تربيت ڏيڻ لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪيا ويندا ۽ فلم انڊسٽري لاءِ فنڊنگ، گرانٽس ۽ سبسڊيز جو نظام متعارف ڪرايو ويندو. اٿارٽي فلم ذريعي پنجاب جي ثقافت، سياحت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪندي، جڏهن ته فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل شڪايتون ۽ مسئلا حل ڪرڻ جو به اختيار هوندو.
Source link

پنجاب فلم سٽي اٿارٽي ٺاهڻ جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو
Leave a Comment Leave a Comment

