ڪراچي؛ فوڊ ڊيليوريءَ تي سوار ڪار سوار کي ٽڪر هڻندڙ ڪار ڊرائيور گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ڊفينس راحت پارڪ وٽ فوڊ ڊليوري سوار کي ٽڪر هنيو، ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس ترجمان موجب سائوٿ انويسٽيگيشن پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪئي، جوابدار تيز رفتاري سبب ڪار کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. ايس ايس پي ڏکڻ انويسٽيگيشن توحيد رحمان موجب ڪار جي ٽڪر ۾ خانگي فوڊ ڪمپني جو ڊليوري سوار ذيشان فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪار ڊرائيور ڪار سميت موقعي تان فرار ٿي ويو. واقعي جو ڪيس 10 مئي تي غزني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. ايس ايس پي توحيد رحمان جو چوڻ هو ته جوابدار وٽان استعمال ٿيل ڪار هٿ ڪري گازي ٿاڻي منتقل ڪئي وئي آهي، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ حمزه شميم طور ٿي آهي، جوابدار خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment