ڪراچي:
شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
تفصيل موجب سچل جي علائقي ڪنيز فاطمه سوسائٽي اسڪيم 33 ختم نبوت چوڪ وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
فوتي جو لاش عباسي شهيد اسپتال آندو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 55 ورهين جي واهه ولد منڊو طور ٿي.
ايس ايڇ او امين کوسا جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ واقعو ذاتي دشمني جو نشانو ثابت ٿيو آهي، مقتول کي موٽرسائيڪل تي سوار ٻن جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي.
جڏهن ته مقتول جي مٿي ۾ گوليون لڳيون آهن، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڀنس ڪالوني روڊ نمبر 12 ويجهو فائرنگ ۾ 30 ورهين جو محسن زخمي ٿي پيو، جنهن کي چاڙهي رضاڪارن جناح اسپتال پهچايو.
جڏهن ته کھارادر کٽياڻ ميمڻ اسپتال ڀرسان گوليون لڳڻ سبب 26 ورهين جي زال رابعه مختيار زخمي ٿي پئي.
بغدادي پوليس موجب واقعو اڻڄاتل طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڪنيز فاطمه اسڪيم 33 ۾ فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل شخص ڪار ۾ سوار هو.
سڃاڻپ ڪارڊ موجب مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ وانهين ولد هنڊو جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو تعلقي ڇاڇرو ضلعي ٿرپارڪر جو رهواسي هو.


