آمريڪا طرفان ايران خلاف پابنديون برقرار رکڻ جي اعلان کانپوءِ عالمي سطح تي خام تيل جي قيمتن ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ توانائي مارڪيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پريشاني جي لهر پکڙجي وئي آهي.
نيوز ايجنسي موجب لنڊن ۾ برنٽ خام تيل جي قيمت ۾ 8.17 ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 119 ڊالر في بيرل ٿي وئي.
ٻئي طرف يو ايس ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (WTI) خام تيل به 7.5 سيڪڙو وڌيڪ مهانگو ٿي 107.46 ڊالر في بيرل تي واپار ڪيو.
اهڙي طرح ابوظهبي بينچ مارڪ ماربن خام تيل جي قيمت ۾ به 2.61 ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن کانپوءِ اها قيمت 109.3 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي.
ياد رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جا اثر وچ اوڀر سميت خطي جي ٻين ملڪن تي به پئجي رهيا آهن.
ان سلسلي ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن ڪابينا جي اجلاس ۾ مشاورت کانپوءِ اعلان ڪيو ته خام تيل جون قيمتون ٻيهر آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، اسان کي به نوان اگهه مقرر ڪرڻا آهن ۽ اسان انتهائي مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر اجتماعي بصيرت ۽ ڪوششن سان صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.


