وڪيل سميت 6 ڄڻن کي ساڙڻ جو ڪيس. ايم ڪيو ايم جي سعيد ڀرم جي ضمانت منظور

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

وڪيل سميت 6 ڄڻن کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي سعيد ڀرم جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت ۾ طاهر پلازه سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي احمد سعيد عرف سعيد ڀريم جي ضمانت منظور ڪئي وئي. عدالت جوابدارن کي 3 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران وڪيل مشتاق احمد ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار جي سڃاڻپ ڪندڙ ٻئي جوابدار فيصل عرف منا جي به ضمانت منظور ڪئي وئي آهي، جوابدار ڪافي عرصي کان جيل ۾ آهي، سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي.

هن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار سعيد ڀرم کي عمران سعيد جي شاهدي تي طلب ڪيو ويو ۽ عمران پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن سعيد ڀرم جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي. وڪيل صافي موجب جوابدار عمران جي بريت کانپوءِ سندس شاهدي جي ڪا حيثيت ناهي رهي.

ٻئي طرف وڪيل مشتاق جهانگيري موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي ضمانت منظور نه آهي، رد ڪئي وڃي.

پوليس موجب طاهر پلازه سانحي جو ڪيس رساله ٿاڻي ۾ 2008 ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ جوابدارن تي طاهر پلازه ۾ ڪيميڪل اڇلائڻ ۽ وڪيل سميت 6 ڄڻن کي باهه ڏيڻ جو الزام آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment