آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب جهاز ڪيريئر يو ايس جيرالڊ فورڊ کي جلد وچ اوڀر مان واپس گهرايو ويندو ۽ مرمت ۽ فني معائنن لاءِ علائقي کان ٻاهر منتقل ڪيو ويندو.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب هي جهاز گذريل 10 مهينن کان خطي ۾ موجود هو ۽ ان جي واپسي خطي ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي ۽ ان جي جلدي جواب ڏيڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري سگهي ٿي، خاص ڪري ايران سان وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾.
ٻئي طرف، ان پيش رفت هڪ ٻئي آمريڪي بحريه ابراهام لنڪن جي حوالي سان به سوال اٿاريا آهن.
ايران طرفان حملي جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، جنهن جي واشنگٽن طرفان ترديد ڪئي وئي هئي پر ان کان پوءِ جهاز جي حرڪت واضح نه ٿي سگهي آهي.
اڻ تصديق ٿيل رپورٽن ۾ چيو پيو وڃي ته ابراهام لنڪن جو جهاز خليج عمان جي ويجهو ٿي سگهي ٿو پر ان حوالي سان ڪا به سرڪاري تصديق سامهون نه آئي آهي.


