اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ٽم پين پي ايس ايل جي تجربي کي خوشي جوڳو قرار ڏنو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ٽم پين پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ پنهنجي تجربي کي خوشگوار قرار ڏيندي چيو آهي ته ملتان سلطانز سان منهنجو سفر يادگار رهيو. ٽم پين پي ايس ايل 11 ۾ ملتان سلطانز جي هيڊ ڪوچ جو عهدو سنڀاليو هو، جڏهن ته ٽيم پهرين ايليمينيٽر ۾ حيدرآباد ڪنگز جي هٿان هارائي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وئي هئي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ ٽم پين جو چوڻ هو ته ملتان سلطانز سان گڏ پي ايس ايل جو هي سفر بدقسمتي سان ختم ٿيو پر اهو وقت شاندار ماڻهن سان گڏ رهيو. هن چيو ته هن ليگ جي تجربي مان ڀرپور لطف اندوز ٿيو. واضح رهي ته پهرين ايليمينيٽر ۾ حيدرآباد ڪنگز ملتان سلطانز کي آساني سان 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل جي دوري کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ سلطانز جي مهم پڄاڻي تي پهتي هئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment