مصر جي هيڊ ڪوچ حسام حسن فلسطيني عوام جي حالت زار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
فيفا ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف فتح کانپوءِ مصر جي هيڊ ڪوچ حسام حسن فلسطيني عوام جي حالت زار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري ۽ فٽبال ادارن کي عملي ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
آسٽريليا کي پينلٽي شوٽ آئوٽ ۾ شڪست ڏئي مصر آخري 16 اسٽيج ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، جنهن کانپوءِ حسام حسن فلسطين جو جهنڊو لڙڪائي ميدان تي پهتو.
ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي فلسطيني عوام جي تڪليف جو احساس ناهي ته اها انسانيت لاءِ افسوسناڪ ڳالهه آهي.
https://x.com/MiddleEastEye/status/2074323810187354215?s=20
سندس چوڻ هو ته فلسطين جي موجوده صورتحال نه رڳو عرب دنيا پر پوري دنيا ۽ فيصلو ڪندڙ قوتن لاءِ شرمندگي جو باعث آهي.
اڳوڻي مصري اسٽار فارورڊ فيفا، عالمي رانديگرن ۽ ميڊيا تي زور ڀريو ته فٽبال کي مثبت پيغام پهچائڻ لاءِ موثر ميڊيم طور استعمال ڪيو وڃي.
هن چيو ته سڄي دنيا کي متحد ٿي آواز اٿارڻ گهرجي ته فلسطيني عوام کي آزاد ۽ باوقار زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي.
واضح رهي ته مصري ٽيم هاڻي ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽائن سان مقابلو ڪندي.


