لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور ۾ 20 ورهين جي نينگري سان زيادتي جو نشانو بڻيل جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي قلعه گجر سنگهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، قلعه گجر سنگھ پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
جوابدار متاثر ڇوڪري کي روزگار جو ڏيک ڏئي پنهنجي گهر گهرايو، جوابدار اڪيڊمي جو خرچ برداشت ڪرڻ جو لالچ ڏئي ڇوڪري کي ورغلايو، جڏهن مقتولا پنهنجي گهر پهتي ته جوابدار کانسواءِ ٻيو ڪو به ماڻهو موجود نه هو.
جوابدار گهر کي تالا هڻي نينگري سان زيادتي ڪئي، جوابدار مجاهد خان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ايس پي سول لائنز چوڌري اختر علي چيو ته جنسي ڏاڍائي جهڙن ڏوهن ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن.


