گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته آبنائے هرمز ۾ جهازن جي محفوظ گذرڻ ۾ رڪاوٽ عالمي معيشت کي سخت متاثر ڪري رهي آهي.
هن چيو ته هن اهم آبي گذرگاهه جي صورتحال توانائي، ٽرانسپورٽ، صنعت ۽ خوراڪ جي عالمي مارڪيٽن تي ناڪاري اثر ڇڏي رهي آهي.
سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ انتونيو گوتريس چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جا اثر هر گذرندڙ لمحي سان وڌيڪ سنگين ٿيندا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته آبنائے هرمز جهڙي اهم رستي جي روڪٿام عالمي سپلائي چين کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ نتيجي ۾ عالمي معيشت دٻاءُ هيٺ آهي.
هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو فوري طور تي ڳالهين جو رستو اختيار ڪري ۽ اهڙا حل ڳولين جيڪي خطي کي وڌيڪ تباهي جي ڪناري کان واپس وٺي سگهن.
هن چيو ته موجوده بحران نه رڳو خطي پر پوري دنيا لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.


