آمريڪا ۾ هڪ تازي سروي ۾ معلوم ٿيو آهي ته 61 سيڪڙو آمريڪي شهرين ايران خلاف جارحاڻي ڪارروائي کي غلطي قرار ڏنو.
سروي جي نتيجن موجب آمريڪي عوام جي اڪثريت وچ اوڀر ۾ ڪنهن به نئين فوجي مهم جي حق ۾ ناهي ۽ سفارتي حل کي ترجيح ڏئي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل ڊگهي جنگين جا تجربا عوامي راءِ تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. تجزيه نگارن موجب افغان ۽ ايران جنگين جهڙن تڪرارن کان پوءِ آمريڪي عوام ۾ پرڏيهي جنگين ڏانهن دشمني وارو رويو پيدا ٿيو آهي.
ماهرن موجب عوامي راءِ حڪومتي پاليسي سازي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، خاص ڪري انهن حالتن ۾ جتي فوجي ڪارروائي جو امڪان آهي.


