لاهور جي علائقي نارٿ ڪنٽونمينٽ ۾ نوڪريءَ جي لالچ ۾ عورت سان زيادتي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.
پوليس موجب خانگي ڪمپني جي مالڪ پنهنجي ساٿي سان گڏجي عورت کي نوڪري جو لالچ ڏئي گهر گهرايو ۽ مبينا طور تي زيادتي ڪئي.
ايس پي ڪينٽ اختر نواز جي هدايت تي ايس ايڇ او نارٿ ڪنٽونمينٽ عاطف اقبال پوليس ٽيم سان گڏ فوري ڪارروائي ڪري مرڪزي جوابدار ناصر کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي وڌيڪ جاچ لاءِ جينڊ سيل جي حوالي ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب متاثرن جي فرياد تي نامزد جوابدارن ناصر ۽ خالد حميد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙي وئي آهي ۽ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.
ايس پي ڪينٽ اختر نواز چيو آهي ته عورتن جي جنسي استحصال ۾ ملوث عنصرن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.


