آمريڪا نيٽو اتحادي جرمني مان 5 هزار فوجين جي واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب پينٽاگون اعلان ڪيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ يورپ وچ ۾ ايران جنگ جي حوالي سان ڇڪتاڻ کانپوءِ ٽرمپ جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز سان تڪرار جي تناظر ۾ جرمني ۾ پنهنجون فوجون گهٽائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
ان کان اڳ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ يورپ آمريڪا کي ذليل ڪري رهيو آهي ۽ هو نٿو ڏسي ته واشنگٽن ڪهڙي پرڏيهي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي.
پينٽاگون جي هڪ سينئر آفيسر ، پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ، چيو ته تازو جرمن بيان ”نامناسب ۽ غير مددگار“ هو. آفيسر چيو ته آمريڪي صدر صحيح طور تي تڪراري تبصرن تي رد عمل ظاهر ڪري رهيو هو.
پينٽاگون جرمني مان پنهنجي فوجن جي واپسي بابت چيو ته ايندڙ 6 کان 12 مهينن ۾ فوجن جي واپسي مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. جرمني ۾ تقريباً 35,000 فعال ڊيوٽي آمريڪي فوجي اهلڪار آهن، يورپ جي ڪنهن به ملڪ کان وڌيڪ.


