وينزويلا جي وقتي صدر ڊيلسي روڊريگيز آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وينزويلا کي 51 هين رياست بڻائڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته هو وينزويلا کي آمريڪا جي 51هين رياست بڻائڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيو آهي، جنهن تي وينزويلا جي وقتي صدر ڊيلسي روڊريگيز جواب ڏيندي چيو ته سندس ملڪ جي 51هين آمريڪي رياست بڻجڻ جو ڪو به ارادو ناهي.
ڊيلسي اهو بيان هيگ ۾ انصاف جي عالمي عدالت ۾ پنهنجي ملڪ ۽ پاڙيسري گيانا جي وچ ۾ وڏي معدني ۽ تيل جي تڪرار تي ٻڌڻي دوران ڏنو.
اسان پنهنجي سالميت، پنهنجي خودمختياري، پنهنجي آزادي ۽ پنهنجي تاريخ جو دفاع ڪندا رهنداسين، وينزويلا هڪ ڪالوني نه پر هڪ آزاد ملڪ آهي، ”ڊيلسي چيو.
ياد رهي ته ڊيلسي روڊريگيز جنوري ۾ آمريڪي فوجي آپريشن کانپوءِ اقتدار سنڀاليو جنهن ان وقت جي صدر نڪولس مادورو کي معزول ڪيو.


