جنگ جي عظيم ڪاميابيءَ ۾ قوم جي فرزندن جو ڪردار هڪ ڀيرو ٻيهر اجاگر ٿيو، جتي هر هٿياربند فوج پنهنجو فرض پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم سان سرانجام ڏنو.
تفصيل موجب يونٽ ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل مرزا جهانتاب خالد جو چوڻ هو ته اسان دشمن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته اسان جي موثر ۽ بروقت جواب جو انتظار ڪيو وڃي.
ليفٽيننٽ ڪرنل جو چوڻ هو ته هن جنگ دوران فتح ون ميزائل سسٽم جي تياري، مقرري ۽ بروقت استعمال جي سمورن مرحلن جي نگراني ڪئي، جنهن ۾ اعليٰ سطحي پلاننگ، درست ٽارگيٽنگ ۽ آپريشنل ڪوآرڊينيشن شامل هئا.
هن چيو ته جنگِ حق جي ڪاميابي کان هڪ سال گذرڻ کانپوءِ به پاڪ فوج جي پيشه ورانه مهارت ۽ آپريشنل تياري برقرار آهي، جيڪا جديد ٽيڪنالاجي ۽ موثر حڪمت عملي جو مظهر آهي.
ليفٽيننٽ ڪرنل مرزا جهانتاب خالد چيو ته فتح ون ميزائل جي موثر، درست ۽ بروقت استعمال سان دشمن جي اهم هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، جيڪو پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۽ پيشه ورانه صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي.
اها ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان نه رڳو دفاعي طور تي مضبوط آهي پر جديد جنگي ضرورتن موجب پنهنجي صلاحيتن کي موثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. اسان ويڙهاڪ آهيون


