ڪراچي:
شهر قائد ۾ بلال ڪالوني پوليس نيو ڪراچي ۾ مبينا مقابلي بعد ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار، چوري ٿيل موبائل فون، موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.
تفصيل موجب بلال ڪالوني پوليس سيڪٽر 5 ڊي نيو ڪراچي ۾ مبينا مقابلي بعد 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
زخمين کي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب زخمي ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ مجيب وحيد ولد مظفر علي جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته گرفتار ڪيل ٻئي جوابدار پنهنجو نالو ذيشان ولد ذيشان ٻڌايو آهي.
گرفتار جوابدارن وٽان 2 پستول، گوليون، چوري ٿيل موبائل فون، نقدي ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.


