حيدرآباد ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ سبب شهري روڊن تي نڪري آيا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


حيدرآباد:

گادي قبرستان هالي روڊ تي بجلي جو ٽرانسفارمر ٽٽڻ سبب العزيز ڪالوني سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جنهن تي علائقي جي رهواسين سخت احتجاج ڪيو.

مظاهرين حيسڪو هالي روڊ سب ڊويزن خلاف سخت نعريبازي ڪري مين روڊ تي ٽائر ساڙي ڇڏيا، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ مڪمل طور معطل ٿي وئي، شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته خراب ٽرانسفارمر بابت بروقت لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو پر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سخت گرمي ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب زندگي مفلوج بڻيل آهي ۽ اختيارين جي عدم توجهه صورتحال خراب ڪري ڇڏي آهي.

شهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور ٽرانسفارمر جي مرمت ڪرائي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment