ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران ختم نه ٿيو آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ 15 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند آهي، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي لائين نمبر 2 جي مرمت جو ڪم 10 ڏينهن گذرڻ باوجود به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بُري طرح متاثر ٿي رهي آهي ۽ شهري مهانگو اگهه تي پاڻي خريد ڪري پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهن. تفصيل موجب ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب پاڻي جي طلب ۾ به اضافو ٿي ويو آهي پر واٽر ڪارپوريشن مسلسل لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جنهن سبب شهري پاڻي جي بوند لاءِ اڃايل آهن. 27 اپريل تي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو هو، جنهن سبب لائين نمبر هڪ، ٻه ۽ پنج ڦاٽي پيا، پر ڏهن ڏينهن گذرڻ باوجود لائين نمبر ٻه جي مرمت جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي. متاثر علائقن ۾ ڪورنگي، لانڍي، گلشن اقبال گلستان جوهر، گبول، لياقت آباد، ناظم آباد، پي آءِ بي ڪالوني، اولڊسٽي ايريا، محمد آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي آهي. ترجمان واٽر ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته لائين نمبر 2 جي مرمت جو ڪم ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، شهر کي 610 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، رڳو 4 ملين گيلن پاڻي فراهم نه ڪيو پيو وڃي، ترجمان جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته شهر ۾ پاڻي جي فراهمي جلد معمول تي اچي ويندي.
Source link

ڪراچي؛ 15 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جو ڪم 10 ڏينهن گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهيو.
Leave a Comment Leave a Comment

