ڏکين حالتن باوجود معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي: ناڻي واري وزير

sindhvoice70@gmail.com
4 Min Read


ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ فنڊ معاهدي تي صحيحن جي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي، تقريب ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب خاص مهمان طور شرڪت ڪري رهيو آهي.

چيئرمين ايس اي سي پي ڊاڪٽر ڪبير احمد سٺو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪيپيٽل مارڪيٽ جي بهتري لاءِ اهم اڳڀرائي ڪئي وئي آهي ۽ سيڙپڪارن جي تعداد ۽ آگاهي لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن، ايس اي سي پي ۽ مارڪيٽ ادارن جو گڏيل پليٽ فارم ٺاهيو ويو آهي.

چيئرمين ايس اي سي پي ڊاڪٽر ڪبير سٺو چيو ته پاڪستان ۾ سرمائيداري مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جي شرح هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جو رجحان تمام محدود آهي.

ايس اي سي پي جو وڏو هدف سيڙپڪارن جو انگ 2.5 لک تائين وڌائڻ آهي، سيڙپڪارن جو انگ وڌائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ۽ نوجوانن ۽ نون سيڙپڪارن کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

ڪيپيٽل مارڪيٽ جي واڌاري لاءِ آگاهي مهم ۽ سڌارا جاري آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن ۽ ماڻهن کي مارڪيٽ ڏانهن راغب ڪرڻو پوندو.

ايس اي سي پي جو ڌيان مالي شموليت ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ تي آهي.

تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته اسان جي قيادت خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سرگرم آهي، علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي محتاط حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.

حڪومت جو ڌيان ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالياتي خساري تي آهي ۽ معاشي اشارا مسلسل بهتر ٿي رهيا آهن، معيشت ڏکين حالتن جي باوجود صحيح رخ تي گامزن آهي ۽ معاشي ترقي لاءِ سرمائيداري مارڪيٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

چئلينجن جي باوجود پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ مستحڪم رهي، علائقائي ڇڪتاڻ اسان لاءِ هڪ اهم سبق آهي ۽ توانائي جي متبادل ذريعن ڏانهن تڪڙي منتقلي ناگزير آهي، اسان جي ضرورتن لاءِ خود انحصاري وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ تجارتي فيصلا آزاديءَ سان ۽ قومي مفاد ۾ ٿيڻ گهرجن.

هن چيو ته ملڪي وسيلن مان سرمايو گڏ ڪرڻ تي مڪمل ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ خود انحصاري ئي معاشي استحڪام جو اصل رستو آهي، اسٽاڪ ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ خود انحصاري جو بنيادي ذريعو آهن.

هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ مقامي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ سيڙپڪارن کي پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپ لاءِ همٿايو وڃي. قومي معيشت جي استحڪام لاءِ اندروني وسيلن تي انحصار ضروري آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته سيڙپڪارن جي آگاهي ۽ سهولت لاءِ ايس اي سي پي جو ڪردار انتهائي اهم آهي ۽ سيڙپڪارن کي تعليم ۽ سهولت فراهم ڪرڻ ايس اي سي پي جي اولين ترجيح آهي، ايس اي سي پي ۾ قانوني سڌارن جي ضرورت آهي ۽ حڪومت مڪمل تعاون ڪندي، ريگيوليٽري سڌارن لاءِ حڪومت جي مڪمل سهڪار جو اعلان ڪيو ويو.

ناڻي واري وزير چيو ته جنريشن زيڊ کي متحرڪ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ۽ نوجوانن کي سيڙپڪاري ڏانهن آڻڻ قومي ترجيح آهي، جيڪي مستقبل آهن، انهن کي تيار ۽ بااختيار بڻائڻو پوندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment