آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ٽامي پيگٽ چيو آهي ته آمريڪا ايران سان ڪنهن به معاهدي ۾ جلدي نه ڪندو ۽ ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي ته هو واشنگٽن کي ”خراب معاهدي“ تي مجبور ڪري.
عرب ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽامي پيگٽ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح طور تي سفارتي رستي کي ترجيح ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر آمريڪا رڳو اهو ئي معاهدو قبول ڪندو جيڪو آمريڪي مفادن جي مطابق هجي.
هن چيو ته صدر ٽرمپ آمريڪي عوام لاءِ سٺو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سندس موقف واضح آهي ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته واشنگٽن ايران سان جاري ڳالهين ۽ خطي جي صورتحال تي مسلسل نظر رکي رهيو آهي.
سندس بيان هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امڪاني جنگ بندي ۽ پابندين ۾ نرمي جي حوالي سان مختلف سفارتي خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ آمريڪي ۽ عالمي ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻئي ملڪ جنگ جي خاتمي جي ويجهو آهن ۽ آبنائے هرمز جي صورتحال تي هڪ ممڪن فريم ورڪ معاهدي تي آهي پر آمريڪي عملدار ايران جي ايٽمي پروگرام تي خاموشي اختيار ڪري رهيا آهن.


