ايٽمي عدم پکيڙ واري معاهدي تي عملدرآمد بابت جاري ڪانفرنس ۾ ايران کي نائب صدر چونڊيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ سفارتي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي عملدارن ان پيش رفت تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايران جي چونڊ نامناسب آهي، ڇاڪاڻ ته واشنگٽن کي ايران جي ايٽمي پروگرام تي سخت خدشا آهن.
گڏيل قومن ۾ آمريڪي نمائندي جو چوڻ هو ته واشنگٽن جو خيال آهي ته جيڪو ملڪ عدم پکيڙ جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، ان کي اهڙي فورم تي قيادت نه ڏني وڃي.
ٻئي طرف ايراني وفد اليڪشن کي سفارتي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو فيصلو ميمبر ملڪن جي اعتماد جو اظهار آهي ۽ ايران عالمي معاهدن تحت پنهنجي حقن جو دفاع ڪندو رهندو.
ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ان تڪرار باوجود ڳالهين جو عمل جاري رهندو پر آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ سفارتي ڇڪتاڻ ڪانفرنس جي فضا کي متاثر ڪري سگهي ٿي.


