پي آءِ اي جي خاص آفر، سعودي عرب لاءِ پروازن تي وڏي رعايت

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



قومي ايئر لائنز (پي آءِ اي) سعودي عرب لاءِ پروازن تي وڏي رعايت ڏني آهي. تفصيل موجب دمام ۽ رياض جي سفر تي 40 سيڪڙو تائين رعايت ڏني وئي آهي، جنهن سان پاڪستان کان دمام ۽ رياض وچ ۾ سستا ۽ آرامده سفر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو آهي. پي آءِ اي ترجمان موجب ون وي ۽ ريٽرن ٻنهي ٽڪيٽن تي رعايت موجود آهي، مسافرن کي آرامده ۽ هموار سفر هوندو. ترجمان واضح ڪيو ته سفر جو مدو 1 مئي کان 29 مئي 2026 تائين مقرر ڪيو ويو آهي، مسافر هاڻي آن لائن به بک ڪري سگهن ٿا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment