راولپنڊي:
وفاقي راڄڌاني ۾ ايڪسپريس هاءِ وي جي وي آءِ پي روٽ تان جعلي عورت ٽريفڪ پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب ڪارروائي ڍوڪ ڪالا خان پل وٽ ڪئي وئي، جتي ٽريفڪ پوليس جي يونيفارم ۾ عورت اي ايس آءِ بيٺي هئي ۽ عورت اي ايس آءِ جي يونيفارم تي پاڪ نالو به لکيل هو.
شڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عورت کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، شروعاتي جاچ کانپوءِ عورت جي سڃاڻپ اقرا بي بي سکنا ايبٽ آباد طور ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ پوليس جي يونيفارم ۾ ملبوس جعلي عورت اي ايس آءِ کي بعد ۾ کنه پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. سڪيورٽي جي سخت انتظامن وچ ۾ جعلي پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪري ڊپارٽمينٽ جي ڪارروائي ڪئي وئي، جڏهن ته گرفتار عورت کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


