جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 11 جون تي طلب، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي صدارت ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 11 جون تي طلب ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي اجلاس جي صدارت ڪندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن رولز جي منظوري جو معاملو به غور هيٺ آندو ويندو.

جسٽس عامر فاروق جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني رولز ميڪنگ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن رولز ٺاهڻ بابت پنهنجون تجويزون تيار ڪيون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ضابطن ۾ ججن لاءِ اميدوارن جي انٽرويو لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز به شامل آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن رولز جي منظوري کانپوءِ هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقرري جو عمل شروع ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment