اسلام آباد:
سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي رهي آهي جڏهن ته بجلي جو شارٽ فال 4 هزار 820 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي.
مليل ڄاڻ موجب سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ڪل طلب 22 هزار ميگاواٽ آهي، جڏهن ته بجلي جي پيداوار 17 هزار 180 ميگاواٽ تائين محدود آهي، جنهن سبب طلب ۽ رسد ۾ واضح فرق سامهون اچي رهيو آهي.
ڊيٽا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هائيڊرو پاور ذريعن مان 4 هزار 500 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي جڏهن ته ٿرمل پاور پلانٽس جي پيداوار 7 هزار 900 ميگا واٽ تائين آهي. ان کان علاوه سولر پاور پلانٽس 420 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن. ايٽمي پاور پلانٽس جي پيداوار 2 هزار 880 ميگاواٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه بيگاس مان 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي ۽ ونڊ پاور پلانٽس 1380 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن.
اختيارين موجب بجلي جي طلب ۽ پيداوار ۾ واضح فرق سبب سڄي ملڪ ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.


