ڦر دوران مزاحمت تي شهري کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

ايس آءِ يو پوليس پيرآباد ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪندي ڦر دوران مزاحمت تي شهري کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪري ورتو.

ايس ايس پي ايس آءِ يو ڊاڪٽر سميع الله سومرو موجب 8 مارچ تي گلشن مري جي علائقي ناردرن بائي پاس وٽ 3 هٿياربندن 26 ورهين جي ميان بخش ولد محمد حيات کي ڦر دوران فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.

واقعي جو ڪيس نمبر 132/26 بجرم سيڪشن 394/397/302/34 گلشن منمار ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ۽ جاچ SICIA حوالي ڪئي وئي.

ايس آءِ يو جي ٽيم ٽيڪنيڪل ذريعن ۽ انساني ڄاڻ جي مدد سان ڪارروائي ڪندي جوابدار جاويد چنا ولد خادم حسين کي پير آباد ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدار جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل 9 ايم ايم پستول هٿ ڪيو ويو آهي.

جوابدار شروعاتي جاچ ۾ ساٿين سميت ڏوهن جو اعتراف ڪيو آهي. جوابدار جي ٻئي ساٿي جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ حاصل ڪيو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment