اڳوڻي ڊي جي اين سي سي آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) وقار الدين سيد خلاف ڊپارٽمينٽل انڪوائري بابت درخواست جي ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. عدالت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪندي کانئن رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت حڪم ڏنو ته ڪيس جي حتمي فيصلي تائين درخواستگذار خلاف ڪا به انضباطي ڪارروائي نه ڪئي وڃي، جڏهن ته عدالت لا آفيسر کي به ان معاملي ۾ عدالتي سهڪار جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن 3 جون 2026 تي اڳوڻي ڊي جي اين سي سي آءِ اي وقار الدين سيد خلاف الزامن جي چارج شيٽ ۽ تفصيل جاري ڪيا هئا، جنهن کي هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment