وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تربت ۾ ايف سي جي جديد اسپتال جو افتتاح ڪيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تربت ۾ فرنٽيئر ڪور بلوچستان (سائوٿ) هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، وفاقي گهرو وزير مختصر عرصي ۾ جديد اسپتال مڪمل ڪرڻ تي آءِ جي ايف سي بلوچستان (سائوٿ) ۽ سندن ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
گهرو وزير محسن نقوي او پي ڊي، مختلف وارڊن، ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين رومز ۽ آپريشن ٿيٽرز جو معائنو ڪيو ۽ اتي موجود ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف تي زور ڀريو ته هو ڏکايل انسانيت جي ڀرپور خدمت ڪن.
محسن نقوي چيو ته ايف سي اسپتال کي ايتري جلد فعال ٿيندي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، تربت ۾ جديد علاج جي سهولتن سان ليس اسپتال جي فوري ضرورت هئي. تربت جي مقامي آبادي کي به علاج جي هن بهترين سهولت تائين رسائي حاصل هوندي. گهرو وزير کي اسپتال ۾ طبي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ جي ايف سي بلوچستان (ڏکڻ) ميجر جنرل بلال سرفراز خان گهرو وزير محسن نقوي کي فورس جي پروفيشنل ٽريننگ ۽ فيلڊ آپريشنز بابت به آگاهه ڪيو. محسن نقوي ايف سي بلوچستان (سائوٿ) جي پيشه ورانه تيارين کي ساراهيو.
وفاقي گهرو وزير فتاح الهند سميت سمورن پابندي مڙهيل دهشتگرد گروپن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي ايف سي بلوچستان (اتر) کي خراج تحسين پيش ڪيو.


