پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي.
آسٽريلوي ٽيم 23 مئي تي اسلام آباد پهچندي، پهرين ون ڊي 30 مئي تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ٻئي ۽ ٽيون ون ڊي ميچ 2 ۽ 4 جون تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.
ٽيون ميچون شام 4:30 وڳي شروع ٿينديون جڏهن ته ٽاس شام 4 وڳي ٿيندو.
سيريز مارچ/اپريل 2022 کانپوءِ پاڪستان ۾ آسٽريليا جي پهرين ون ڊي سيريز هوندي.
آسٽريليا هن سال جنوري ۾ ٽي 20 انٽرنيشنل سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪيو هو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ آسٽريليا پاڪستان ۾ به ميچون کيڏيون.


